سوامي غريب داس

سوامي غريب داس: سنت سوامي غريب داس اصل پنجاب جو ويٺل هو ۽ پوءِ اچي خيرپورميرس ۾ ديرو ڄمايائين. ان وقت مير سهراب خان، حڪومت جو والي هو. سندس ڪرامتن جو نظارو مير سهراب خان پاڻ ڪيو، جنهنڪري سندس ڪافي عزت ڪندو هو. سوامي غريب داس وٽ هندو مسلم جو سنڌو نه هو. هو سڀني تي هڪجھڙو مهربان ٿيندو هو. سندس خدمت ۾ ڪيترائي سنت حاضر رهندا هئا، پر سنت مدن داس تي سندس خاص عنايت هئي، جنهنڪري سندس وفات کانپوءِ سنت مدن داس گادي نشين ٿيو.


لفظ سوامي غريب داسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو